علي شيرازي

علي شيرازي : علي شيرازي، پنهنجي دؤر جو نامور عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن بابت سنڌ جو مؤرخ ۽ محقق علامه مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو ته، “سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ بيت، ڳجهارت طور پنهنجي استاد مخدوم نوح ڏانهن لکي موڪليو. اهو بيت پڙهي مخدوم نوح به جواب لکي موڪليو. مير علي شيرازي، جڏهن ٻنهي جا سوال جواب پڙهيا تڏهن ٻنهي سيد عبدالڪريم شاهه بلڙيءَ واري ۽ مخدوم نوح جي بيتن جي متن جو نچوڙ فارسيءَ جي هڪ شعر ۾ آڻي ٻنهي کي مطمئن ڪيائين. فارسي شعر هي آهي: جان بجانان ره و گرنداز بوبستا ندا جل، خود تو منصف باش اي دل اين نڪو يا آن نڪو. (ترجمو: اي دل تون پنهنجي جان محبوب جي حوالي ڪري ڇڏ، نه ته موت ان کي پاڻ سان وٺي ويندو. تون خود انصاف ڪر ته هيءَ صورت چڱي آهي يا هوءَ صورت؟)


لفظ علي شيرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو